ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لائبرري

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لائبرري: سنڌ جو ثقافتي ورثو زنده رکڻ جي مقصد تحت ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1954ع ۾ قائم ٿيو. هن مرڪز کي پنهنجي لائبرري به هئي. جنهن ۾ هزارين ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن، لائبرريءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ناياب قلمي نسخا به موجود آهن، جن ۾ قرآن مجيد جو هڪ قلمي نسخو تمام خوبصورت اکرن ۾ لکيل آهي. سال 2010ع ۾ اُتي ڀٽ شاهه ريسرچ سيل به قائم ڪيو ويو آهي، جتي شاهه لطيف جي فڪر ۽ رسالي بابت تحقيق ڪئي ويندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو